واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو آهي ته پاڪستان جي توانائي شعبي ۾ مدد آمريڪا جي ترجيحن ۾ شامل آهي، آمريڪا 4 هزار ميگا واٽ بجلي پيداوار ۾ مدد ڪئي، لکين گهرن ۾ بجلي فراهم ٿي رهي آهي، ميڊيا بريفنگ دوران هن چيو ته ماحولياتي چيلنجز تي گرين الائنس ذريعي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، پاڻي وسيلن، سمارٽ زراعت، توانائي شعبي ۾ سهڪار جاري آهي.