ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ فوڊ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل سروسز کاتي پاران رليو ڪرڻ باوجود عهدي تي ويٺل! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ڪجهه ڏينهن اڳ چيف سيڪريٽري جي هدايتن تي سروسز کاتي جي اختيارين 35هين سينيئر مينيجمينٽ ڪورس ( ايس ايم سي) ۾ شامل ٿيڻ لاءِ 19هين گريڊ جي 10 کان وڌيڪ آفيسرن کي عهدن تان رليو ڪيو هو، انهي لسٽ ۾ شامل سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل آغا فخر حسين پوسٽنگ بچائڻ لاءِ ايس ايم سي تي وڃڻ کان انڪار ڪندي سروسز کاتي کي خط لکي بيماري جو جواز پڻ ڏنو هو، سروسز کاتي  ڊي جي  جو بيماري وارو عذر قبول نه ڪيو هو، فوڊ اٿارٽي چيف آغا فخر حسين سروسز کاتي جي حڪمن کي ٿُڏي پنهنجي عهدي تي اڃا برقرار آهي، سروسز کاتي جي ذريعن موجب رليو ٿيڻ بعد آغا فخر حسين کي عهدو ڇڏڻو آهي، انهي عهدي تي جلد نئين ڊي جي کي مقرر ڪيو ويندو.