ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ تي اين ايچ اي ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد روڊ کي موٽروي چيو پيو وڃي، ڇا موٽروي اهڙا هوندا آهن؟ عدالت سکر _ملتان موٽر وي جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنگل بينچ سپر هاءِ وي کي موٽر وي قرار ڏيڻ تي اين ايچ اي ۽ ٻين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي_حيدرآباد روڊ کي موٽر وي چيو پيو وڃي، ڇا موٽروي اهڙا هونداآهن؟ اتي ڪا به سهولت ناهي،جنهن کي وڻي  گڏھ  گاڏو کڻي روڊ تي اچي وڃي ٿو، ڇا موٽروي  اهڙا هوندا آهن؟ عدالت سکر _ملتان موٽر وي جا تفصيل به طلب ڪري ورتا، عدالت چيو ته سکر _ملتان موٽر وي تي ڪيترا انٽرچينج آهن؟ اتي ڪيترا سروس سينٽر آهن؟ موٽر وي تي ڪيترا ڪمرشل دڪان ۽ مارڪيٽون آهن؟ عدالت پاران موٽر وي تي دڪان ۽ مارڪيٽون ٺاهڻ جو طريقو به طلب ڪيو ويو، جسٽس صلاح الدين پنهور ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڄي سپر هاءِ وي تي پئسا وٺي دڪان ٺاهيا پيا وڃن، درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته چيو ٿو وڃي ته سهراب ڳوٺ  کانپوءِ موٽروي  ٺاهيو ويو آهي، اين ايڇ اي پاران سروس روڊ تي مارڪيٽون ۽ دڪان ٺاهي وڪرو ڪيا پيا وڃن،  قانون موجب سپر هاءِ وي، سروس روڊن ۽ گرين بيلٽ تي ڪا به اڏاوت نٿي ٿي سگهي.