خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) خيرپور لڳ ڳاڙهي موري ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ماستر پاران معصوم نياڻي ميمونا ملڪ سان مبينا ڏاڍائي جي ڪوشش جو انڪشاف ٿيو آهي، ان ڏس ۾ معصوم شاگردياڻي م م موجب هو ٻئين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي ماستر شڪيل احمد انصاري کيس گذريل 3 ڏينهن کان رسيس وقت کيس مٿئين ڪلاس روم وٺي گنديون حرڪتون ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ڪنهن سان به ڳالھه نه ڪجان نه ته گُهٽو ڏئي ماري ڇڏيندو سانءِ. شاگردياڻي ميمونا جي والد الف ميم جو چوڻ آهي ته ننڍڙي ڊپ سبب گھر ڳالھه نه پئي ڪري، ماستر شڪيل انصاري کيس 50 رپيا خرچي ڏني جيڪا گهر کڻي آئي ته هن جي ماءُ کانئس پڇا ڪئي ته ميمونا کيس سڀ ڪجهه ٻڌايو، ٻئي طرف پريالوءِ پوليس الزام هيٺ آيل ماستر شڪيل انصاري ۽ اسڪول جي پرنسپل عطاءُ الله ڪنڌر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.