ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ واري سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪالهه سوڪ سينٽر ۾ واقع ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيس جو اوچتو دورو ڪيو، هن  کاتي جي مختلف سيڪشنز جي ڪم جو جائزو ورتو،  گاڏين جي رجسٽريشن ۽ ٻين لاڳاپيل معاملن تي به تفصيلي بريفنگ ورتي. ترجمان موجب صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ رجسٽريشن ۽ ٽيڪسيشن جي آپريشنل ميڪنزم بابت به تفصيلي معلومات حاصل ڪئي.  صوبائي وزير چيو ته انتظامي معاملن ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي، شھرين جي بھتر خدمت لاءِ ضروري سڌارا آڻڻ سنڌ سرڪار جو مقصد آهي، ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز عاطف الرحمان ۽ ڊي جي اورنگزيب پنھور به گڏ ھُئا.