لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ڳائڻي سجاد علي ملڪ ۾ ٿيندڙ بدترين لوڊشيڊنگ تي گيت ٺاهي ڇڏيو جيڪو سوشل ميڊيا تي گهڻو مقبول ٿي رهيو آهي. ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي سميت ملڪ جي ڪيترن شهرن ۾ شديد لوڊشيڊنگ سان شهري گهڻو پريشان آهن ان حوالي سان سجاد علي پنهنجي ٽيلنٽ جو استعمال ڪندي شاندار ڌُن تي موسيقي جو بهترين استعمال ڪيو. ڳائڻي جو تخليق ڪيل گيت هونئن ته ڪجهه ئي ٻولن تي ٻڌل آهي پر ميوزڪ سان گڏ اهو مداحن کي گهڻو پسند اچي رهيو آهي. سجاد علي جي گيت جا ٻول پنجابي جا ڪجهه هن ريت آهن ته“لائٽ آندي اي، لائٽ جاندي اي، لائٽ آندي اي تي ڪدي لائٽ جاندي اي”ڳائڻي سان گڏ وڊيو ۾ گٽار وڄائيندڙ موسيقار احنس پرويز مهدي کي به ڏسي سگهجي ٿو، ان کان علاوه هن سان گڏ گيت ۾ ڳائڻو نعمان جاويد ۽ خوبي علي به شامل آهن.