پرياگ راج (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارت ۾ پوليس انسپيڪٽر جي ايل اي ڊي بل چورائڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽڻ موجب پرياگ راج جي ڦولپور علائقي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ پوليس انسپيڪٽر کي اڌ رات جو پان جي دڪان تان بلب چورائيندي ڏسي سگهجي ٿو. مبينه طور چوري 6 آڪٽوبر تي ٿي هئي ۽ سي سي ٽي وي ۾ پڪڙي وئي هئي. ڦولپور جي علائقي ڪوتوالي ۾ مقرر انسپيڪٽر راجيش ورما جي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ ايس ايس پي هن کي معطل ڪري ڇڏيو. وڊيو ۾ انسپيڪٽر کي پان جي بند پيل دڪان ويجهو ايندي ڏسي سگهجي ٿو اهو ڀرپاسي نظر ڦيرائي ان کانپوءِ تيزيءَ سان دڪان ٻاهران لڳل ايل اِي ڊي بلب لاهي پنهنجي کيسي ۾ رکي اتان هليو وڃي ٿو. رپورٽ موجب دسهره ميلي جي رات پوليس اهلڪار نائٽ ڊيوٽي تي هو، ايندڙ صبح جو جڏهن دڪاندار بلب غائب ڏٺو ته هن سي سي ٽي وي فوٽيج چيڪ ڪيا ۽ اهو ڄاڻي حيران رهجي ويو ته چور هڪ انسپيڪٽر هو. جوابدار کي ويجهڙ ۾ ئي ترقي ڏني وئي هئي ۽ هن کي گذريل 8 مهينن کان ڦولپور ٿاڻي تي مقرر ڪيو ويو هو. ٻئي طرف معطل پوليس اهلڪار وضاحت ڏيندي چيو ته مان صرف بلب کي هٽائي ان جاءِ تي لڳايو هو جتي مان مقرر هيس ڇوته اتي اوندهه هئي پر ان خلاف انڪوائري جو حڪم ڏنو ويو آهي.