ڪراچي(شوبز نيوز) لالي ووڊ جي وڏي بجيٽ جي رليز ٿيندڙ  فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” پاڪستان سميت دنيا ۾ بهترين موٽ حاصل ڪري رهي آهي. فلم “دي ليجنڊ آف مولا جٽ” کي وڏي پيماني تي سڄي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ رليز ڪيو ويو آهي ۽ رليز جي پهرين ڏينهن کان ئي فلم مقامي ۽ عالمي باڪس آفيس تي سٺي بزنس جي شروعات ڪئي آهي.بلال لاشاري جي 70 ڪروڙ جي وڏي بجيٽ جي هي فلم رليز جي پهرين ڏينهن ئي مقامي طور تي 4.9 ڪروڙ ۽ عالمي سطح تي 4.4 ڪروڙ گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي. فلم کي دنيا ۾ 420 اسڪرينز تي ڏيکاريو پيو وڃي جڏهن ته اندازو لڳايو پيو وڃي ته نئين مولا جٽ ڪجهه ئي هفتن ۾ 200 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪندي.