ڪرائسٽ چرچ(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي 20 رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي موجود پاڪستاني بيٽر محمد رضوان ڀارت جي سوريا ڪمار ياديو کي پوئتي ڇڏي ڏنو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان هلندڙ سال به ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ رانديگر بڻجي ويو، هن هلندڙ سال 18 اننگز ۾ 820 رنز ٺاهيون جڏهن ته ڀارت جو سوريا ڪمار ياديو 23 اننگز ۾ 801 رنز اسڪور ڪيو. ان کان اڳ محمد رضوان آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر تي برقرار آهي، رضوان جي ريٽنگ پوائنٽس جو تعداد 853، ڀارت جي سوريا ڪمار جون 838 ۽ بابراعظم 808 پوائنٽس سان ٽئين نمبر تي موجود آهي. واضح رهي ته رضوان گزريل سال به ٽي 20 انٽرنيشنلز ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ٺاهيندڙ رانديگر هو ۽ سال 2021 ۾ هن 26 اننگز ۾ 1326 رنز ٺاهيون هيون.