نئين دهلي(انٽرسٽنگ نيوز)ڀارت مان هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ هڪ عورت پنهنجي مڙس کي وچ بازار ۾ ڪٽڪو ڏئي رهي آهي.  ميڊيا رپورٽن موجب مڙس کي ڪٽڪو ڏيندڙ عورت پنهنجي مڙس کي ٻي عورت سان گڏ بازار ۾ ڏٺو ۽ پوءِ برداشت نه ڪري سگهي. زال مڙس جي هڪ به نه ٻڌي ۽ وچ بازار ۾ سڀني اڳيان هن کي ڪٽڪو ڏنو، ان دوران مرد کي سندس گرل فرينڊ بچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر زال ۽ هن جا مائٽ ان عورت کي به چماٽون وهائي ڪڍن ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب عورت مڙس خلاف پوليس ۾ به ڌوکي جي شڪايت داخل ڪرائي آهي.