اسلام ڪوٽ (ن پ ا) اسلام ڪوٽ ويجهو هڪ ڏينهن اڳ مبينا چوري ڪري ڪراچي منتقل ٿيندڙ گڏھه هٿ ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل نه ٿيڻ توڙي اينگرو ڪمپني انتظاميا جي ناانصافين خلاف مختلف ڳوٺن جي سوين رهواسين ٿرڪول بلاڪ ٽو، ون ۽ ننگرپارڪر روڊ تي 6 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي تاج محمد درس، شاهنواز درس ۽ ٻين چيو ته حيرت جي ڳالھه آهي ته ٿرڪول ايريا ۾ چرندڙ اسان جا گڏهه چوري ڪري ڪراچي منتقل ڪيا پئي ويا، گاڏي پڪڙي پوليس حوالي ڪئي، پوليس کي سڀ ڪجھه ٻڌايو پر پوليس ڪمپني انتظاميا جي ونگار وهندي ملوث ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي، هنن چيو ته ڪمپني زيادتين جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو نه آهي، هنن چيو ته ٿر فائونڊيشن جي مئنيجر سبين شاهه ڪا ڳالھه ٻڌڻ ته ٺهيو پر فون کڻڻ لاءِ به تيار ناهي، هنن چيو ته اسان ملڪ جي ترقي خاطر پنهنجا اجها ڏنا، زمينون ڏنيون، بدلي ۾ ڪمپني ڇا ڏنو آهي؟ اسان کي ته اڄ تائين سوين ايڪڙ زمين جو معاوضو به نه ڏنو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته گڏهن جي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، هوڏانهن اينگرو ڪمپني جي عملدارن فرحان انصاري، فياض سومرو ۽ اي سي اختر لاشاري، مختيارڪار عبدالغفار لاکير پهچي احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو، اينگرو ڪمپني عملدارن چيو ته گڏهن واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي، ڳوٺاڻن سان ملي ٻيا سمورا مسئلا به حل ڪنداسين،