پاڪستاني فاسٽ بالر حسن علي فٽ ٿي ويو

0
288

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي کي پاڪستاني ميڊيڪل پينل فٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پاڪستاني ٽيم جي ميڊيڪل پينل طرفان حسن علي کي فٽ قرار ڏنو ويو.واضح رهي ته ان کان اڳ حسن علي ڄهنگ ۾ تڪليف سبب انگلينڊ خلاف ٻن ٽي ٽوئنٽي ميچز ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو هو. حسن علي چيو آهي ته فٽ ٿيڻ بعد خوشي محسوس ٿي رهي آهي، ڄهنگ ۾ تڪليف سبب ٻن ميچز ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پريشاني ٿي پر واپس اچي رهيو آهيان.