جويريه سعود کي پنهنجي تعريف ڳچي ۾ پئجي وئي

0
550

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪاره جويريه سعود چيو آهي ته ڪيريئر جي شروع ۾ مون کي بالي ووڊ جي مقبول اداڪارائن مڌو بالا ۽ راني مکرجي سان ملايو ويندو هو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته شروع ۾ منهنجو چهرو سنهڙو هوندو هو، تڏهن ماڻهو مون کي مڌو بالا چوندا هئا، ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ منهنجا مداح مون کي راني مکرجي سان ڀيٽڻ لڳا. سندس ان بيان تي سوشل ميڊيا تي ماڻهن دلچسپ تبصرا ڪيا آهن ڪجهه ماڻهن چيو ته ائين چوندڙن جي نظر ڪمزور هوندي، هڪ شخص ان کي صدي جو لطيفو قرار ڏنو. ڪجهه ماڻهن ٽهڪن واريون ايموجيز شيئر ڪيون، هڪ صارت ان کي چريائپ جي انتها قرار ڏنو./ڏسو صفحو 6 بقايا 38
زارا خان چيو ته هر ڪو پنهنجي اندار ۾ خوبصورت هوندو آهي ڀيٽ سان ماڻهن جي شخصيت ختم ٿي ويندي آهي پر پوءِ به اسان پاڻ يک ٻين سان ڀيٽيندا آهيون. هڪ ٻئي صارت چيو ته جي ها توهان انهن سان ملو ٿا پر رڳو قد ۾.