پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مانچسٽر ۾ عيد نماز ادا ڪئي

0
331

مانچسٽر (اسپورٽس نيوز) عيد ته پنهنجي گهر ۽ پنهنجن عزيزن سان گڏ سٺي لڳندي آهي پر پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم ڊيوٽي خاطر گهرن مان ڏور عيد ملهائي رهي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلش ٽيم خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ انگلينڊ ۾ موجود آهي، جتي رانديگر مانچسٽر جي هوٽل ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جتي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد خطبو ڏنو ۽ سندس امامت ۾ رانديگرن، ڪوچنگ اسٽاف عيد نماز ادا ڪئي، جنهن بعد رانديگرن هڪٻئي سان ڀاڪر ڀري عيد جون واڌايون ڏنيون. ٻئي پايس ٽوڪيو اولمپڪس ۾ شرڪت ڪندڙ جاپان ۾ موجود پاڪستاني رانديگرن به اولمپڪ وليج ۾ ٻين ايٿليٽس سان عيد نماز ادا ڪئي.