اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سٿ طرفان عيد جون واڌايون

0
336

ڪراچي(ن پ ا) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، شهيد بينظير آباد، سکر، ميرپور خاص ڊويزن سوڌو سنڌ جي ننڍي وڏن شهرن ۾ عيد نماز جا اجتماع ٿيا، اسلام آباد، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي نماز ادا ڪئي وئي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرن ۾ شهري ايس او پيز نظر انداز ڪري هڪٻئي سان ڀاڪر ڀري ملندا رهيا، جنهن ڪري ڪورونا وائرس پکڙجڻ جو خدشو آهي، عيد نماز جي اجتماعن کانپوءِ سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ سنت ابراهيمي تحت جانورن جِي قرباني جو سلسلو جاري آهي، خوبصورت جانورن کي سينگاري گهمائڻ بعد الله جي راهه ۾ قربان ڪيو پيو وڃي، لذيذ طعامن جِي دعوتن جو سلسلو عيد جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سٿ طرفان سڀني ڏسندڙن ۽ پڙهندڙن کي عيد الاضحيٰ جون واڌايون هجن..