ڪنساس(انٽرسٽنگ نيوز) آمريڪي رياست ڪنساس ۾ هڪ پالتو ڪتي مالڪ کي “غلطي” سان گولي هڻي ماري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب ڪنساس ۾ هڪ شخص جو موت ان وقت  ٿيو جڏهن اختيارين موجب ٽرڪ ۾ موجود رائفل تي هن جي پالتو ڪتي پير رکي ڇڏيو هو. اهڙو واقعي ڪنساس جي شهر وچيتا ۾ پيش آيو. 32 سالن جو جوزف آسٽن اسمٿ صبح جي وقت هڪ ٽرڪ ۾ مرده حالت ۾ مليو، وچيتا جي علائقي سمنر جي پوليس واقعي بعد ٻڌايو ته اهو شخص شڪار جي ارادي سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ وڃي رهيو هو ۽ ان دوران ئي واقعو پيش آيو. پوليس موجب جوزف اسمٿ گاديءَ جي اڳئين سيٽ تي ويٺو ۽ گڏ واري سيٽ تي شڪار واري بندوق رکيل هئي، ان دوران ڪتو پوئين سيٽ کان اڳئين سيٽ تي آيو ته ان جو پير ٽريگر جي مٿان اچي ويو ۽ گولي هلي پئي. پوليس موجب گولي لڳڻ کانپوءِ فوري طور پوءِ جوزف موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، هن بابت معلوم ٿيو آهي ته اهو پلمبر جو ڪم ڪندو هو.