دبئي(انٽرسٽنگ نيوز) گڏيل عرب امارات ۾ ڪافي شاپ جو ملازم 33 ڪروڙ رپين جي لاٽري نڪرڻ کانپوءِ ڪروڙ پتي ٿي ويو. رسل ريز نالي ڪافي شاپ جي مينيجر يو اَي اِي جي لڪي ڊرا ۾ 15 ملين درهم (33 ڪروڙ رپيا) کٽي ورتا. هن کي 2023ع جو پهريون ڪروڙ پتي شخص قرار ڏنو ويو آهي. ڪروڙ پتي نوجوان 333 رپيا لاٽري جي ٽڪيٽ تي خرچ ڪيا ۽ هن جي لاءِ 15 نمبر لکي ثابت ٿيو. ريز عرب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مونکي اڃا تائين يقين نٿو اچي ته مان 15 ملين درهم کٽي چڪو آهيان ۽ پئسن مان مان مالي طور تي مستحڪم ٿي ويندس. لاٽري کٽندڙ شهري چيو ته “کٽڻ کانپوءِ سڀ کان پهريان پنهنجي ڀاءُ کي ڀاڪر پاتو ته هن چيو ته تون مون سان مذاق ڪري رهيو آهين.” هن چيو ته منهنجي گهر واري به ان ۾ شامل هئي جنهن کي سڀ کان پهريان اطلاع ڏني اها به منهنجي ڳالهه تي يقين نه ڪري رهي هئي. هن ٻڌايو ته 14 جنوري جي صبح 7 لڳي 22 منٽن تي ٽڪيٽ خريد ڪئي ۽ رات 12 لڳي 45 منٽن تي مونکي ڪال آئي ته ان رات منهنجي ننڊ غائب ٿي وئي.