لنڊن(انٽرسٽنگ نيوز) پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ برطانوي شهري کي انتهائي سست رفتاريءَ سان کاڌو کائڻ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو، هوٽل انتظيا نوجوان مٿان 100 پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برطانيا جي علائقي ڪيمبرج ۾ شاپور مفتاح نالي نوجوان پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات ڪرڻ مشهور آمريڪي فوڊ چين جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويو، ٻنهي ملاقات ڪئي ۽ پوءِ کاڌي جو آرڊر ڏنو. کاڌو اچڻ کانپوءِ ٻنهي ڪچهري ڪئي ۽ 90 منٽن کان وڌيڪ وقت تائين ريسٽورنٽ ۾ ويٺا ۽ پوءِ کاڌو ختم ڪيو. ان دوران ريسٽورنٽ جي ٻاهران نوجوان جي گاڏي پارڪنگ ۾ بيٺل هئي، پر 90 منٽن تائين کاڌو ختم نه ڪرڻ سبب گراهمن لاءِ مبينا طور تي مقرر وقت کان وڌيڪ هوٽل ۾ ويهڻ تي انتظاميا طرفان نوجوانن کي پنالٽي نوٽيس موڪليو ويو جنهن ۾ کيس 100 پائونڊ ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو هو.