نيوسعيدآباد(ن پ ا) نيو سعيد آباد ويجھو گھر جي ڀِت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ 2 ڌيئرون فوت ٿي ويون، ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. ان ڏس ۾ نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ پير فضل الحق شاھ جي اوطاق تي بچاء بند ڪناري ويٺل ملاح برادري جي گھر اندر ڀت ڪرڻ سبب 40 ورهين جوا  امام بخش ملاح ۽ سندس ڌي ذليخان ملاح حيدرآباد جي سول اسپتال ۾  فوت ٿي ويا. سندن لاش ڳوٺ  پھتا ت ڪھرام مچي ويو سندس وارث اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري روئندا رھيا. واقعي ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا جن کي تعلقا اسپتال نيو سعيدآباد آندو ويو جتي ابتدائي طبي امداد بعد سندن حالت نازڪ ھئڻ ڪري کين حيدرآباد نيو ويو ھي. ٻئي ڄڻا اسپتال پھچندي فوت ٿي ويا جڏھن ته 12 ورهين جي پارسا اسپتال داخل ٿيل ھئي. ورهين جي پارسا به سول اسپتال ۾ فوت فوتين جو انگ ٽي ٿي ويو. فوتين کي اباڻي قبرستان ۾ دفنايو ويو.