ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ) شگر ملز مالڪن جي تنظيم پاسما برساتن ۽ ٻوڏ باوجود هيل ڪمند جو بمپر فصل لهڻ ۽ کنڊ جي رڪارڊ حاصل ٿيڻ جي  دعويٰ ڪئي آهي، پاسما موجب گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هيل 9 سيڪڙو واڌو ايراضي تي ڪمند پوکيو ويو هو، جڏهن ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ڪمند کي رڳو 5 سيڪرو نقصان پهتوآهي، پاسما موجب گذريل سال کنڊ جي پيداوار 70 لک 90 هزار ٽن لٿي هئي، جڏهن ته هيل کنڊ جي اپت 80 لک ٿيندي، هن وقت شگر ملز وٽ 20 لک ٽن واڌو کنڊ موجود آهي، جڏهن ته بمپر فصل سبب  ڊسمبر 2023ع تائين کنڊ جو ڪو بحران نه ٿيندو.