ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر لاڳيتو  بي قابو : 241.5 رپين تي پهتو: سون 300 رپيا مهانگو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 300 رپيا واڌ سان 153800 مان 154100 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون 19 ڊالر جي لاٿ سان 1667 ڊالر في آئونس تي پهتو، ٻئي طرف  چاندي 1580 رپين تي برقرار رهي، هوڏانهن ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ 50 پئسا واڌ سان 241 مان 241.5 ۽ انٽر بينڪ ۾ 86 پئسا واڌ سان 236.84 رپيا  ٿي ويو، واضح  رهي ته  انٽر بينڪ ۾ ڊالر هلندڙ هفتي 8.66 ۽ هلندڙ مهيني 18.09 رپيا مهانگو ٿيو، ٻئي طرف  پائونڊ  ۽ يورو هڪ هڪ رپيو واڌ سان ترتيبوار  179.5 مان 280.5  ۽ 240.5 مان 241.5 رپين تي پهتا هئا.