غوثپور (ن پ ا) غوثپور مان اغوا ٿي ويل ڏاچيون چاريندڙ ڌنارن هادي بخش ۽ الله بخش لاشاري بازياب نه ٿيا، پوليس ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو، عبدالوحيد ڏاهاڻي، غلام نبي شيخ، ڀورل شيخ، هادي بخش ۽ الله بخش لاشاري مغوين ۾ شامل آهن. هادي بخش لاشاري ۽ الله بخش لاشاري جي  بازيابي لاءِ وارثن صفي الله لاشاري ۽ عزيزالله لاشاري جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته هٿياربند اسان جي همراهن کي اغوا ڪري ويا آهن. اطلاع باوجود پوليس ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.هنن ٻڌايو ته غوثپور پوليس پنهنجي جان جند آجي ڪرائڻ لاءِ واقعي کي ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڄاڻائي رهي آهي.ٻئي پاسي ايس ايچ او غوثپور مظاهرين کي مغوين جي بازيابي جي خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرائي ڇڏيو.