ڪراچي(م ڊ) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان پابندي پيل ٽي ايل پي کي دهشتگرد مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته جيڪو رسول ڪريم جن جو عاشق هجي اهو دهشتگرد ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ باقي حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ هنن جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي بنياد تي کين دهشتگرد قرار ڏئي پابندي لڳائي آهي.