اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ وچ ۾ رات جو ٿيل ڳالهيون نيٺ ڪامياب ٿي ويون، وفاقي سرڪار طرفان ٽي ايل پي جي مطالبي تي فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري لاءِ قومي اسيمبلي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، ٽي ايل پي طرفان به سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جڏهن ته تحريڪ لبيڪ جي امير سعد رضوي کي آزاد ڪيو ويو آهي. ڳالهين بعد ڪالهه صبح سان وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد وڊيو بيان ذريعي ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جو اعلان ڪيو، هن چيو ته ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو، ٽي ايل پي جي ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊول مان به ڪڍيا ويندا، پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي پاران ملڪ ۾ مظاهرن، تشدد ۽ لاهور واقعن کانپوءِ حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون. فرانسيسي سفير جِي ملڪ بدري بابت ٺهراءُ پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ (ڪالهه) طلب ڪيو ويو آهي، گذريل ڏينهن اسپيڪر اجلاس خميس تائين ملتوي ڪيو هو پر سيڪريٽريٽ شيڊول تبديل ڪندي اجلاس ئي سڏائي ورتو. هوڏانهن حڪومت ۽ ٽي ايل پي ۾ ڳالهين جي ڪاميابي کانپوءِ پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جي سربراهه سعد حسين رضوي کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان آزاد ڪيو ويو، پنجاب جي جيل کاتي جي آفيسر عتيق احمد اهڙي تصديق ڪئي. سعد رضوي جي آزادي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فرانسيسي سفير کي واپس موڪلڻ جي قرارداد پيش ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ سامهون آئي. فرانسيسي سفير کي ملڪ مان واپس موڪلڻ ٽي ايل پي جو بنيادي مطالبو آهي. جڏهن ته تحريڪ لبيڪ پاران سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. تحريڪ لبيڪ حڪومت آڏو 4 مطالبا رکيا هئا جن ۾ پارٽي جي امير سعد رضوي جي آزادي، پارٽي تان پابندي ختم ڪرڻ، گرفتار ڪارڪن آزاد ڪرڻ انهن مٿان داخل ڪيس ختم ڪرڻ جا مطالبا شامل هئا، تحريڪ لبيڪ فرانسيسي سفير جي نيڪالي جو مطالبو به ڪيو جنهن بابت حڪومت قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ جو چيو، ٻنهي جي اتفاق بعد قومي اسيمبلي ۾ اهڙي قرارداد پيش ڪئي وئي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي اجلاس کان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وزير نورالحق قادري تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ بريفنگ ڏني وئي ته تحريڪ لبيڪ تان پابندي ختم ڪرڻ جو فيصلو ناهي ڪيو ويو پابندي برقرار رهندي، قتل جا ڪيس ختم نه ڪيا ويندا. ذريعن موجب شيخ رشيد چيو ته ٽي ايل پي سموري ملڪ ۾ احتجاج ختم ڪندي، ڳالهين ذريعي معاملو اڳتي وڌايو ويندو، ٽي ايل پي خلاف شيڊول فورٿ سميت ڪيس ختم ڪيا ويندا. وفاقي وزير فواد چوڌري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي طرف کان تحريڪ لبيڪ سان جيڪو معاهدو هيو اهو مڪمل ٿي ويو آهي، اسان عمل ڪري ڇڏيو، اسان قرارداد قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏي هاڻي ان تي بحث ٿيندو، هي معاملو اسان پارليامينٽ تي ڇڏيو آهي.