اسلام آباد: پارليامينٽ هائوس آمد باوجود وزير اعظم عمران خان ۽ گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪئي، قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ وزير اعظم عمران خان جي صدارت ۾ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ گهرو مامرن جي وفاقي وزير شيخ رشيد به شرڪت ڪئي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرن کي تحريڪ لبيڪ سان ٿيل مزاڪرات ۾ ان جي مشاورت سان تيار ٿيل قرارداد جي متن کان آگاهه ڪيو ويو پارليامينيٽ هائوس ۾ ٿيل پارلياماني پارٽي جي اجلاس بعد شروع ٿيل قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزير اعظم عمران خان ۽ گهرو وزير شيخ رشيد شرڪت نه ڪئي.