مٽياري: مٽياري موٽروي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي گرفتار ڊپٽي ڪمشنر عدنان رشيد سان ملاقات ڪري کائنس پڇا ڳاڇا ڪئي. ان دوران ڊي سي اهم انڪشاف ڪيا آهن. ان ڏس ۾ جي آءِ ٽي جي سربراهه اينٽي ڪرپشن جي چيئرمين ڊاڪٽر نواز شيخ، جي آءِ ٽي ميمبر ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن شهزاد فيصل عباسي ڊي سي سان ملاقات ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي. ان دوران ڊي سي عدنان رشيد ٻڌايو ته رقم مان هن حصو ورتو ۽ اصل حصو سياسي ماڻهن کنيو. هن چيوته سياسي بنيادن تي ٽرانسفر پوسٽنگ جي ڪري انهن کي وڌيڪ حصو ڏيڻو پيو.