لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جو غيرتڪراري حل چاهيون ٿا، نوازشريف ۽ زرداري ۾ اتفاق آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي، فواد چوڌري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته آرمي چيف جي مقرري جو معاملو غيرتڪراري طريقي سان حل ٿئي، ان ۾ اسانجي ڪابه پسند ناهي، حڪمرانن معاملي کي تڪراري بڻايو آهي. هن چيو ته گهرو وزير هڪ بيان ڏئي ٿو ته دفاع جو وزير ٻيو بيان ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم پردي مان ئي نه ٿو نڪري، اهو ٻاهر نڪري ته ٻڌائي نه ته ڇا ٿو چاهي. فواد چوڌري دعويٰ ڪندي چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري ۾ اتفاق آهي ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي وڃي، جيڪڏهن مارشل لاءِ جي راهه ۾ ڪا رڪاوٽ آهي ته اها اسان آهيون، اڄ ملڪ ۾ مارشل لا ناهي ته عمران خان جي ڪري ناهي، نوازشريف ملڪ ۾ مارشل لا لڳائن جي پوري ڪوشش ڪئي آهي ڇاڪاڻ هن کي خبر آهي ته اليڪشن ۾ کٽي نه ٿو سگهي.