راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي انتظاميا تحريڪ انصاف کي ڌرڻي جو هنڌ تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي راولپنڊي ۾ ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي ۽ مرڪزي اسٽيج مري روڊ تي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ راولپنڊي انتظاميا جي تجويز بعد پي ٽي آءِ اڳواڻن ڌرڻي جو هنڌ تبديل ڪرڻ بابت انتظاميا کان وقت گهري ورتو آهي، تحرڪ انصاف 26 نومبر تي فيض آباد ويجهو ڌرڻو هڻڻ چاهي ٿي ۽ راولپنڊي انتظاميه پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پنهنجي خدشن کان به آگاهه ڪيو آهي، جڏهن ته 26 نومبر تي انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم به اسلام آباد اچي رهي آهي. هوڏانهن اسد عمر جو چوڻ آهي ته عمران خان گوليون کائڻ باوجود ڄمي بيٺل آهي، تاريخ جو سڀ کان وڏو اجتماع راولپنڊي ۾ ٿيڻ وڃي پيو، فيض آباد تي عمران خان جي اسٽيج لڳائي ويندي، جنهن لاءِ مشاورت ڪئي وئي آهي،  جمعي جي صبح کان فيض آباد ۾ خيمه بستي قائم ڪئي ويندي، جنهن ۾ ملڪ جي مختلف ملڪن کان ايندڙ ماڻهو شامل هوندا.