اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ تي پابندي وارو مامرو وفاقي ڪابينا آڏو اٿارڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، جڏهن ته سينيٽر ميان عتيق پاران ڌر بڻجڻ واري درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڪالهه چيف جسٽس اطهر من الله درخواست گذار مريم فريد ايڊووڪيٽ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، چيف جسٽس اطهر من الله سوال اٿاريندي چيو ته پي ٽي اي کي ٽڪ ٽاڪ جي مامري تي وفاقي حڪومت کان پاليسي وٺڻ لاءِ چيو هو، ڇا حڪومت ڪا پاليسي ڏني آهي؟ هن عدالت پي ٽي اي کي واضح حڪم ڏنو هو ته وفاقي ڪابينا کان هدايتون ورتيون ويون هيون ان جو ڇا ٿيو؟، چيف جسٽس چيو ته ڇا هن وقت ٽڪ ٽاڪ ملڪ ۾ هلي رهيو آهي يا بند آهي، پي ٽي اي جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته پراڪسي ذريعي 99 سيڪڙو ٽڪ ٽاڪ ملڪ ۾ هلي رهيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پي ٽي اي ڇو هن ملڪ کي دنيا کان ڪٽڻ چاهي ٿو، سوشل ميڊيا ايپس تي پابندي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڇو نه لڳي رهي آهي، جڏهن ته انهن ملڪن ۾ قانون به سخت آهن، پي ٽي اي ٽيڪنالاجي کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهجي، عدالتي حڪمن باوجود پي ٽي اي وفاقي حڪومت کان پاليسي بابت هدايتون ڇو نه حاصل ڪيون آهن، جيڪڏهن معاشري ۾ ٻي جنريشن ٿئي ٿي ته اوهان هڪ ٽيڪنالاجي کي بند ڇو ڪيو ٿا، دبئي يا يورپ جهڙي ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ بند ڇو نه ٿو ڪيو وڃي، ٽڪ ٽاڪ کي بند ڪري پي ٽي اي دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهي ٿي، پي ٽي اي جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته اٿارٽي جي مجبوري هئي ته هو عدالتي فيصلن تي عمل ڪرائي، چيف جسٽس پي ٽي اي جي وڪيل کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته پنهنجي ڪوتاهي تي عدالتن کي الزام نه ڏيو، چيف جسٽس اطهر من الله عدالت ۾ موجود ڊپٽي اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا وفاقي حڪومت يا وفاقي ڪابينا ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڏنو آهي، ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏيندي چيو ته پاليسي جي حوالي سان ميٽنگ ضرور ٿي آهي پر ڪو فيصلو ناهي، ٿيو، چيف جسٽس چيو ته پي ٽي اي وٽ ڪي به قائدا ۽ ضابطا ناهن، پي ٽي اي غيرقانوني طور تي پابندي لڳائي آهي، ملڪ ۾ جيڪڏهن 99 سيڪڙو ماڻهو پراڪسي ذريعي ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪن ٿا پوءِ هڪ سيڪڙو ماڻهن لاءِ پابندي ڇو هجڻ گهرجي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته ٽڪ ٽاڪ تي پابندي مڙهڻ لاءِ رولز موجود ناهن، سينيٽر ميان عتيق چيو ته ٽڪ ٽاپ تي پابندي پٺيان پي ٽي اي جي پنهنجي ڪا ايجنڊا آهي، هڪ سال پهريان پي ٽي ٽي اي جي چيئرمين پابندي نه لڳائڻ جو يقين ڏياريو هو، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا پي ٽي اي پاڪستان کي 100 سال پٺتي وٺي وڃڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿيندو رهيو ته چيئرمين پي ٽي اي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪنداسين، ٽيڪنالاجي کي بند نه ٿو ڪري سگهجي، ٽيڪنالاجي جي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پي ٽي اي کي تيار رهڻ گهرجي، عدالت جيڪڏهن بند ڪرڻ چاهيندي ته سڀ اپليڪيشنز بند ڪندي، چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پي ٽي اي عدالت ۾ حلفيه بيان ڏنو آهي ته ٽڪ ٽاڪ جو غلط استعمال هڪ سيڪڙو ماڻهو ڪري رهيا آهن، پي ٽي اي جي وڪيل چيو ته ٽڪ ٽاڪ جي انتظاميا سان ڳالهيون هلي رهيون آهن جلد ئي پابندي ختم ڪئي ويندي، عدالت ٻڌڻي 20 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪندي ڊپٽي اٽارني جنرل کي مامرو وفاقي ڪابينا آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.