برلن (م ڊ) جرمني جي پرڏيهي وزير هيڪو ماس جو چوڻ آهي ته جي سيون ملڪن جي اڳواڻن کي ڪابل هوائي اڏي تان واپسي وارين ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڳالهه جو پڻ جائزو وٺن گهرجي ته ڇا کين آمريڪا پاران ڏنل ڊيڊ لائن 31 آگسٽ ۾ واچ ڪرڻ گهرجي يا نه؟ جرمن پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته جرمني، آمريڪا، ترڪي ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي شروعات ٿي وئي آهي جنهن جو مقصد ڪابل ايئرپورٽ تان سول اپريشن ذريعي شهرين کي 31 اگسٽ کانپوءِ به حفاظت سان واپس آڻي سگهجي تنهن هوندي به هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته 31 آگسٽ کانپوءِ ڪابل ايئرپورٽ کي رڳو ان صورت ۾ کليل رکيو ويندو ته ان جي حفاظت جي ضمانت ڏني وڃي. هن چيو ته هوائي اڏي تي صورتحال وڌيڪ افراتفري جو شڪار ٿي رهي آهي، ڪالهه اترئين گيٽ وٽ هٿياربندن، سيڪيورٽي فورسز ۽ افغان محافظن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ افغان فوجي مارجي ويو هو.