اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار، آدمشماري نتيجن تي خدشن سبب سنڌ سرڪار انڪار ڪري ڇڏيو، مڪاني چونڊن بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن ڌار اجلاس هلندڙ هفتي ئي طلب ڪري ورتو، تفصيل موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ سنڌ صوبي اندر مڪاني چونڊن جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان مقرر ميمبرن، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن کان سواءِ سنڌ حڪومت جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب، سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ جي سيڪريٽري شرڪت ڪئي، جاري ڪيل بيان مطابق اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ بلدياتي ادارن جي مدت 30 آگسٽ 2020 تي ختم ٿي چڪي آهي، آئين تحت اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن اندر بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي پابند آهي، اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان سموري تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، جن ۾ تڪبندي لاءِ آفيسرن جي مقرري توڙي تڪبندين بابت اٿارٽيز جي قيام جو نوٽيفڪيشن پهرين جون 2021ع تي جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي سنڌ صوبي اندر يونين ڪائونسلن جي تعداد سان گڏ نقشا ۽ ٻي ضروري ڊيٽا فراهم ڪري ته جيئن اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ بلدياتي چونڊن کي يقيني بنائڻ لاءِ فوري طور تي تڪبندين جي ڪم جي شروعات ڪري سگهي، اجلاس دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت بلدياتي قانونن ۾ تبديليون ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن حڪومت جا مختلف ادارا جن ۾ لوڪل ڪائونسلون، ميونسپل ڪارپوريشن، ميونسپل ڪميٽيز، ٽائون ڪاميٽيز جي نوعيت، انهن جي تعداد ۽ آبادي جو تعين ڪري سگهجي، ان ڪم لاءِ 6 مهينا سنڌ حڪومت کي گهربل آهن، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب موقف اختيار ڪيو ته سنڌ حڪومت 2017ع جي آدمشماري جي حتمي انگن اکرن جن کي سي سي آءِ جي منظوري بعد 6 مئي 2021ع تي شايع ڪيو ويو آهي انهن آدمشماري جي انگن اکرن تي سنڌ حڪومت کي تحفظات آهن، جن خلاف آئين جي آرٽيڪل 154 جي شق 7 تحت سنڌ حڪومت پاران اپيل ڪئي وئي آهي، جيستائين ان حوالي سان گڏيل پارليامينٽ ۾ اسان جي اپيل جو فيصلو نه ٿو اچي تيستائين سنڌ صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهن، سنڌ صوبي جي آدمشماري جي انگن اکرن تي تحفظات جي موجودگي ۾ صوبي اندر اهڙي قانون سازي ڪرڻ به ممڪن ناهي جنهن ۾ مختلف لوڪل ڪائونسلن جي درجابندي ۽ ميمبرن جي تعداد بابت اليڪشن ڪميشن کي تفصيل فراهم ڪري سگهجن، مرتضيٰ وهاب چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران بلدياتي اليڪشن ڪيس جيڪو پي ايل ڊي 63/2016 ۾ شايع ٿيو، ان ۾ چيو ويو آهي ته قانون ۾ ترميم جو عمل بلدياتي چونڊن جي شيڊول کان 18 مهينا پهريان مڪمل ڪيو وڃي، جڏهن ته تڪبندين جو ڪم بلدياتي چونڊن جي شيڊول کان هڪ سال پهريان شروع ڪيو وڃي، جنهن تي ڳالهائيندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته سنڌ حڪومت پهريان اهو موقف اختيار ڪيو هو ته 2017ع جي آدمشماري جي عبوري انگن اکرن تي اليڪشن ڪميشن بلدياتي چونڊن لاءِ تڪبنديون نه ٿي ڪري سگهي، سنڌ حڪومت جي ان موقف کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ تڪبندين جي عمل کي عارضي طور تي روڪي ڇڏيو هو، هاڻي جڏهن 2017ع جي آدمشماري جا حتمي انگ اکر شايع ٿي چڪا آهن ته سنڌ حڪومت اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته آدمشماري جي حتمي انگن اکرن تي به سنڌ حڪومت کي تحفظات آهن، ان موقف مان اهو تاثر ملي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده نه آهي، اگر پارليامينٽ ان مسئلي کي فوري حل نه ٿي ڪري ته ڇا صوبي ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرايون وينديون؟ اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي نمائندن پاران بلدياتي چونڊن لاءِ ڪو ٽائيم فريم نه ڏيڻ تي فيصلو ڪيو آهي ته ان مسئلي تي غور لاءِ اليڪشن ڪميشن جو ڌار اجلاس ڪيو ويندو جنهن ۾ ان حوالي سان مناسب فيصلو ڪيو ويندو، چيف اليڪشن ڪمشنر اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو اجلاس هلندڙ هفتي ۾ ڪيو وڃي.