اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ صحافين تي حملو ڪرڻ متعلق جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ پاران ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو جڏهن ته حڪنامو برقرار رهندو، مامري جي معاونت لاءِ اٽارني جنرل، سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو، ڪالهه وقتي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري مامري جي جائزي تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران وقتي چيئرمين عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته صحافين تي حملا ڪرڻ وارو ڪيس حساس آهي، خوشي ٿي آهي ته هنن عدالت سان رجوع ڪيو آهي، پر ان ڳالهه تي افسوس آهي ته صحافين عدليا مٿان بطور ادارو ڀروسو نه ڪيو آهي، ٻه رڪني بينچ پاران ورتل پاڻمرادي نوٽيس تي رجسٽرار اسان کي لکت ۾ آگاهه ڪيو، رجسٽرار مطابق ڪيس داخل ڪرڻ ۽ مقرر ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو ان تي اعتراض ڪيو ويو، عدالتي عملي پاران درخواستگذار عبدالقيوم صديقي جو بار بار نالو پڪاريو ويو پر هو عدالت ۾ موجود نه هو، ان دوران سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي روسٽرم تي اچي چيو ته عام طور تي اهو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ ورڇ آهي، جسٽس عمر عطا بنديال کيس جواب ڏيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ ڪا به ورڇ ناهي، ججن جي مختلف مامرن تي راءِ مختلف ضرور ٿي سگهي ٿي، اوهان جي اکين ۾ جيڪڏهن ٿڌڪار اچي ته اسان سڀ جج گڏجي ويهي سگهون ٿا، جنهن کان پوءِ عدالت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ پاران صحافين تي حملن واري مامري تي ورتل پاڻمرادو نوٽيس تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو، پنهنجي آرڊر ۾ عدالت واضح ڪيو ته ڇا پاڻمرادو نوٽيس چيف جسٽس کان علاوه ڪو ٻيو جج به وٺي سگهي ٿو، ان مامري جو جائزو وٺنداسين، جڏهن ته چيف جسٽس کان علاوه ٻي ڪا به بينچ پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ لاءِ چيف جسٽس کي تجويز ڪرڻ جي روايت موجود آهي، پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي اختيار جي تعين لاءِ اصل شراڪتدارن کي ٻڌڻ چاهيون ٿا، اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ بار جو صدر ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جو وائيس چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿي معاونت ڪن، عدالتي آرڊر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته 20 آگسٽ تي 2 رڪني بينچ هڪ حڪمنامو جاري ڪيو، جنهن درخواست تي حڪم جاري ڪيو ويو، ان ڏينهن ان تي ٻڌڻي مقرر ٿيل نه هئي، ٻه رڪني بينچ حڪومتي ادارن وفاق ۽ صوبائي ايڊووڪيٽ جنرلز کي نوٽيس جاري ڪيا ۽ ٻڌڻي 26 آگسٽ تي مقرر ڪئي، اهو سوال آهي ته ڇا پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ واري مامري جو جائزو وٺڻ لاءِ خصوصي بينچ جوڙجي، 20 آگسٽ تي ٻه رڪني بينچ پاران ڏنل حڪم نامو برقرار رهندو، ان حڪم نامي تحت سموريون ڌريون صحافين کي حراسان ڪرڻ واري مامري تي جواب جمع ڪرائن،في الوقت صحافين پاران درخواست ۾ اٿاريل سوالن تي ٻڌڻي نه ڪري رهيا آهيون، صرف اهو سوال آهي ته پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو دائري اختيار ڇا آهي، نئين بينچ جوڙڻ تائين صحافين کي حراسان ڪرڻ وارو مامرو غير موثر رهندو، وڌيڪ لکت ۾ حڪم نامو بعد ۾ جاري ڪنداسين، 5 رڪني بينچ وڌيڪ ٻڌڻي 25 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جڏهن ته 20 آگسٽ تي صحافين کي هراسان ڪرڻ خلاف جنهن بينچ پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو اها بينچ 26 آگسٽ تي موجود نه هوندي، ان بينچ ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس جمال مندوخيل شامل هئا. بينچ جي پاڻمرادي نوٽيس واري طريقيڪار تي اعتراض ڪيو ويو، رجسٽرار آفيس پاران چيف جسٽس کي اعتراضي نوٽ لکيو ويو جنهن تي ڪالهه پنج رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.