اسلام آباد/ڪراچي (بيورو رپورٽ + اسٽاف رپورٽر) وفاق ٿرڪول بلاڪ 6۽ مانجهند سوڌو سنڌ جا 5 بجلي منصوبا توانائي پاليسي مان ڪڍي ڇڏيا، سنڌ پاران احتجاج، توانائي پاليسي تي پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان به اعتراض واري ڇڏيا. تفصيل موجب ڪابينا جي توانائي بابت ڪاميٽي جو اجلاس رٿابندي جي وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌجي توانائي وزير امتياز شيخ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب، خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان جي نمائندن به شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ 2021 کان 2030ع تائين متبادل توانائي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي پاليسي تي غور ٿيو، “پنهنجي اخبار” پاران رابطو ڪرڻ تي سنڌ جي توانائي جي وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته مون اجلاس دوران سنڌ صوبي پاران وفاقي حڪومت پاران تيار ڪيل پاليسي تي سخت اعتراض واريا آهن، مون اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته تيار ڪيل پاليسي جي مخالفت ڪيون ٿا، ان پاليسي ۾ مانجهند مان سولر تي 400 ميگاواٽ بجلي پيداوار جي منصوبي کي ڪڍيو ويو آهي، توڙي جو ان منصوبي کي ايڪنيڪ پاران منظور ڪيو ويو، اهو ورلڊ بينڪ جي فنڊنگ وارو منصوبو آهي ۽ ان منصوبي لاءِ رقم به موجود آهي، ان باوجود سنڌ جو اهو منصوبو پاليسي مان ئي ڪڍيو ويو آهي، ان پاليسي مان سنڌ جا 5 ونڊ پاور منصوبا به ڪڍيا ويا آهن، هر هڪ منصوبي مان 250 ميگاواٽ ونڊ ذريعي بجلي تيار ٿيڻي آهي، جنهن جو نيپرا ٽيرف به منطور ڪري چڪي آهي پر ان باوجود اهي منصوبا شامل نه ڪيا ويا آهن، ٿر ڪول بلاڪ 6 ۾ ڪوئلي تي 1360 ميگاواٽ بجلي پيداوار جو منصوبو به شامل نه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته متبادل توانائي پاليسي ۾ هائيڊرو يعني پاڻي ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪو ذڪر ناهي، پر ان باوجود ان پاليسي ۾ واپڊا ۽ ڪي پي ڪي جا 12 هزار ميگاواٽ بجلي پيداوار جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، توانائي پاليسي ۾ اهو طئي ڪيو ويو هو ته ان پاليسي تحت سستا منصوبا شامل ڪيا ويندا، جيڪي پاڻي جا منصوبا شامل ڪيا ويا آهن انهن کان ٿرڪول ۽ ونڊ ذريعي بجلي پيداوار جا سنڌ صوبي جا منصوبا انتهائي سستا آهن، اي آر ڊي پاليسي سي سي آءِ پاران منظور ڪيل آهي، ان ۾ تبديلي يا ته سي سي آءِ ڪري سگهي ٿي يا سي سي آءِ کان ڪو وڏو فورم ڪري سگهي ٿو، حڪومت کي يا ته سمجهه ۾ ڳالهه نه ٿي اچي يا ڄاڻي واڻي سنڌ سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته هن ئي حڪومت سنڌ اچي اهو يقين ڏياريو هو ته نئين پاليسي ۾ هائيڊرو منصوبا شامل نه ڪيا ويندا، پر اهي منصوبا شامل ڪيا ويا آهن، هن پاليسي جو به ڪالاباغ ڊيم منصوبي جهڙو حال ٿيندو، پهريان به چشما جهلم لنڪ ڪينال لاءِ چيو ويو هو ته اهو فلڊ ڪينال آهي پر هاڻي اهو مستقل وهايو پيو وڃي، هن پاليسي تي اسان کي اعتراض آهن، ذريعن مطابق خيبر پختونخوا جي حڪومت به پاليسي تي اعتراض واريندي چيو ته اسان جي صوبا جا هائيڊرو ۽ ٽرانسميشن لائين جا منصوبا شامل ناهن، ان حوالي سان مامرا واضح ڪيا وڃن، بلوچستان حڪومت جي نمائندي پاران اعتراض ڪيو ويو ته اسان جي صوبي بابت ڪي منصوبا نظر نه ٿا اچن، پنجاب حڪومت پاران چيو ويو ته اسان جا به مسئلا آهن انهن کي به ويهي حل ڪيو وڃي، جنهن بعد اهو فيصلو ڪيو ويو ته توانائي ڪميٽي جو ٻيهر اجلاس ايندڙ خميس يا جمعي جي ڏينهن طلب ٿيندو. ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي مسئلن کان واقف ناهي ،وفاقي حڪومت جا رويا بي اعتمادي پيدا ڪري رهيا آهن، توانائي بابت هن چيو ته 4 سال گذرڻ باوجود سنڌ جي شمسي توانائي واري منصوبي تي ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي ڪيٽيگري 3 وارن ونڊ پاور پلانٽس کي به منظور نه پيو ڪيو وڃي، ٿر ۾ اوريڪل ڪمپني جي سي پيڪ پاور پراجيڪٽ سميت سنڌ جا ڪيترائي منصوبا آءِ جي سي اي پي ۾ شامل نه ٿي رهيا آهن. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جا مطالبا بامقصد مشاورت سان حل ڪيا وڃن.