اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ اندر هڪ ئي تعليمي نصاب پڙهائڻ جي عمل کي صوبائي حڪومتن جي تعاون سان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تعميراتي شعبي جي ترقي خاص طور تي گهٽ لاڳت وارن گهرن جي تعمير حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، صوبائي حڪومتون آڪٽوبر مهيني ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ بين الاقوامي ايڪسپو جهڙي موقعي مان ڀرپور فائدو کڻن، ملڪ ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونن بابت موجود ملڪن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪيو وڃي، اهڙو اظهار وزيراعظم عمران خان مختلف اجلاسن جي صدارت ڪندي ڪيو آهي، ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ايڪسپو 2021ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ٿيندڙ تيارين جي جائزي لاءِ اجلاس ٿيو، وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومتون ايڪسپو جي حوالي سان تيارين کي جلد حتمي صورت ڏين، وزيراعظم جي صدارت ۾ عام واهپي جي بنيادي شين ۽ تعميراتي شعبي ۾ گهربل مٽيريل جي طلب ۽ قيمتن جي جائزي لاءِ به اجلاس ٿيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته تعميرات ۾ استعمال ٿيندڙ خام مال سوڌو گيهه جهڙي بنيادي عام واهپي جي شئي جي گهرج ۽ موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جي صدارت ۾ خصوصي ٽيڪنالاجي زونن جي قيام جي حوالي سان به اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ، تعليمي ادارن، صنعتي شعبي، حڪومتي ادارن ۾ مضبوط پارٽنرشپ جي قيام، نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ موقعن جي فراهمي حڪومت جي ترجيح آهي، وزيراعظم سڄي ملڪ ۾ هڪ جهڙي نصاب تي عملدارآمد صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان جلد مڪمل ڪيو وڃي.