اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم ملاقات ڪئي، وزيراعظم هائوس ۾ ٿيل ملاقات ۾ سنڌ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ سنڌ صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي موثر تنظيم سازي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن ٻڌايو آهي ته وزيراعظم جي خصوصي معاون ارباب غلام رحيم وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي مختلف علائقن جي ڪيل دورن، مختلف اڳواڻن سان ٿيل رابطن توڙي سنڌ صوبي جي سياسي صورتحال ۽ سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي تنظيمي صورتحال تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو.