لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي مشهور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا مداحن کان مدد گهري ورتي. ويجهڙ ۾ ٽڪ ٽاڪ اسٽار جنت مرزا نئون اوون خريد ڪيو پر اها ان وقت ڏکيائي ۾ پئجي وئي جڏهن هن کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته ان کي ڪيئن هلايو وڃي تنهن ڪري هن پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري تي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ پنهنجي فالوورز کي چيو ته اهي ٻڌائين ته ڇا هنن اهو اوون استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن اوهان مان ڪو ڄاڻي ٿو ته بيڪنگ اوون ۾ ٽيمپريچر ۽ ٽائمر ڪيئن سيٽ ٿيندو آهي ته ٻڌائي. انسٽا اسٽوڙي جي ڪمنٽس ۾ مداحن هن کي استعمال جو طريقو ٻڌايو جنهن کانپوءِ ٽڪ ٽاڪ اسٽار ڪيڪگ ٺاهيو ۽ هن جي تصوير اسٽوري تي شيئر ڪئي.