ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته هن جو مڙس اداڪار رنبير ڪپور جي اها خواهش آهي ته مان ماءُ بڻجڻ کانپوءِ جلد ئي ڪم تي وڃڻ شروع ڪريان. اداڪارا ويجهڙ ۾ ڏنل انٽرويو ۾ ٻڌايو ته مان ۽ رنبير هاڻي کان منصوبابندي ڪري ورتي آهي ته اسان ٻئي ٻار جا ڪهڙا ڪم ڪنداسين، اسان ڪم هاڻي کان ئي ورهائي ڇڏيا آهن، رنبير پنهنجي ايندڙ ٻار لاءِ انتهائي پرجوش آهي ۽ پنهنجون ذميواريون کڻڻ لاءِ به تيار آهي. انٽرويو دوران اداڪارا چيو ته رنبير ٻڌايو هو ته هن وقت منهنجي مٿي تي سڀ کان وڏي ذميواري اها آهي ته اهو ٻار جي پيدائي کانپوءِ مونکي جلد کان جلد ڪم تي موڪلي ته جيئن مداح ۽ فلم ساز اها شڪايت نه ڪن ته مان هن کي ڪم کان روڪيو آهي.