حيدرآباد (بيورو رپورٽ) فنڪاره فائزا علي ۽ ايف بي آر جي ڪمشنر عبدالحميد ابڙو شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويا آهن. سندن وليمو به ٿيو جنهن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فنڪاره فائزا علي ۽ ايف بي آر جي ڪمشنر عبدالحميد ابڙو جي شادي جو وليمو حيدرآباد جي مهانگي بئنڪوئٽ هال ۾ ٿيو جنهن ۾ بدين سان تعلق رکندڙ عبدالحميد ابڙو جي تر ۽ راڄ جي ماڻهن به شرڪت ڪئي. عبدالحميد ابڙو جو تعلق بدين جي ڳوٺ جمعون خان ابڙو سان آهي. سوشل ميڊيا تي ٻنهي ڄڻن جي شادي جو چرچو لڳل آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته عبدالحميد ابڙو جي اڳ ۾ به پنهنجي ماسات سان شادي ٿيل آهي جنهن مان کيس ڪو اولاد ڪونهي.