سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ قتل ٿي ويل ٽي ايم او اعجاز شيخ وارو معاملو، سکر جي عدالت قتل الزام ھيٺ گرفتار ٻن ڀائرن مٿان ڏوھ ثابت ٿيڻ تي کين موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي، عدالتي فيصلي کان پوءِ گرفتار جوابدار اڳوڻو ايس ڊي او سيپڪو امجد باجاڻي ۽ سندس ڀاءُ عامر باجڪاڻي سينٽرل جيل منتقل. ٻه سال اڳ ٽنڊو غلام حيدر جي ٽي ايم او کي سکر ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪيو ھو، قتل ڪيس ۾ ٻئي ڀائر سينٽرل جيل سکر ۾ قيد ھئا. مقتول ڌر طرفان عدالتي فيصلي کي ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان. رپورٽ موجب 2 آڪٽوبر 2020ع ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل ٽنڊو غلام حيدر جو ٽي ايم او ڪنڌرا واسي اعجاز احمد شيخ جي قتل ڪيس جو سکر جي ايڊيشنل سيشن جج غلام قادر تنيو جي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آھي. عدالت ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اڳوڻو ايس ڊي او سيپڪو امجد باجڪاڻي ۽ سندس ڀاءُ پرائيويٽ اسڪول ٽيچر عامر باجڪاڻيءَ کي موت جي سزا ٻڌائي، جنھن بعد ٻنھي جوابدارن کي پوليس عدالت مان سينٽرل جيل سکر منتقل ڪيو ويو. ياد رهي ته آباد ٿاڻي جي حد ايئرپورٽ روڊ تي 2 آڪٽوبر 2020  تي موٽر سائيڪل سوار ھٿياربندن ٽي ايم او ٽنڊو غلام حيدر اعجاز علي شيخ کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو ھو، جڏھن ته يوسي سيڪريٽري سليمان کوسو به فائرنگ سبب زخمي ٿيو ھو، اھڙي واقعي جو ڪيس آباد پوليس مقتول جي ڀاءٌ جاويد احمد شيخ جي فرياد تي داخل ڪرڻ کان پوءِ ڄاڻايل ٻن جوابدارن عامر حسين باجڪاڻي ۽ امجد امجد حسين باجڪاڻي کي گرفتار جيل اماڻيو ھو، جوابدارن سکر جي عدالت ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ھو ته ھو بيگناھ آھن جنھن تي عدالت دليل ٻڌڻ بعد ٻنھي ڄڻن کي ضمانت تي سينٽرل جيل سکر مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو. عدالت طرفان ضمانت منظور ڪرڻ واري فيصلي خلاف مقتول اعجاز احمد شيخ جي ڀاءُ ۽ ڪيس جي فريادي جاويد شيخ طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي جنھن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ضمانت واري درخواست رد ڪندي ٻنھي جوابدارن کي گرفتار سينٽرل جيل اماڻڻ جو حڪم ڏنو ھو. ھوڏانھن عدالت پاران سزا ٻڌايل جوابدارن جي والد ڊاڪٽر گل حسن باجڪاڻيءَ عدالتي فيصلي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.