فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج لڳ بااثر جوابدارن پاران علي نواز واهه کي گهارو لڳائي سوين گهر ۽ هزارين ايڪڙ زمين ٻوڙائڻ جو انڪشاف، 20 جوابدارن خلاف ڪيس داخل. خبر موجب فيض گنج لڳ علي نواز واهه کي بااثرن پاران غيرقانوني ڪٽ لڳائي هزارين ايڪڙ زمين ۽ ڪيترائي ڳوٺ ٻوڙائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي علي نواز واهه جي داروغي محمد حسين شر جي فرياد تي 20 نامعلوم جوابدارن خلاف ڪوٽ لالو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علي نواز واهه جي آر ڊي 136 وٽان  نامعلوم بااثر جوابدارن غيرقانوني ڪٽ هڻي سوين ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل ٻوڙائي تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هوڏانهن ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪابه گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.