دادو ( رپورٽر ) خيرپورناٿن شاھ مان لڏ پلاڻ ڪري سيتا ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر مسمات آمنت سولنگي سيشن جج دادو جي عدالت ۾ پي پي ايم اين اي ميهڙ ، ڪي اين شاھ عرفان علي لغاري ، پي پي اڳواڻ قمبر لغاري ، سيتا اسپتال جي ڊاڪٽر اعجاز احمد سميت 5 ڄڻن خلاف قتل جي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء سيڪشن 22 ، اي بي تحت درخواست داخل ڪئي آهي ته 9 ، سيپٽمبر تي پي پي ايم اين اي ، سندس چاچو ۽ ڀائر ٻوڏ متاثرن ۾ سرڪاري راشن تقسيم ڪري رهيا هئا ته سندس 28 سالن جو پٽ دمساز سولنگي راشن وٺڻ ويو ته پي پي ايم اين اي، سندس چاچي قمبر لغاري ۽ ايم اين اي جي ڀائرن لٺيون هڻي کيس زخمي ڪيو جنهن کي سيتا اسپتال کڻي وياسين ته ڊاڪٽر علاج نه ڪيو زخمي پٽ کي دادو اسپتال کڻي پئي وياسين ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو ، سيشن جج دادو جي عدالت اهڙي درخواست تي ايس ايڇ او سيتا روڊ کي 14 سيپٽمبر تي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي