يھودي عبادت گاھ ۾ ماڻھن کي يرغمال بڻائيندڙ شخص مارجي ويو، سمورا ماڻھو بازياب

0
346

ٽيڪساس (ڊيسڪ رپورٽ) آمريڪي رياست ٽيڪساس ۾ رات عبادت گاهه ۾  ھڪ شخص ماڻھن کي يرغمال بڻايو، يرغمال بڻيل سمورن ماڻهن کي آزاد ڪرايو ويو، جڏهن ته يرغمال بڻائيندڙ مارجي ويو

ڪوليويل پوليس ۽ ايف بي آءِ جي وچ ۾ هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ چيو ويو  ته چئن ماڻهن کي عبادت گاهه ۾ يرغمال بڻايو ويو ۽ آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار کي ماريو ويو آھي

ايف بي آءِ موجب حملي آور جي سڃاڻپ اڃا ظاهر نه ڪئي ويندي ته جيئن جاچ متاثر نه ٿئي،  پريس ڪانفرنس دوران ٻڌايو ويو ته جوابدار ڪنهن به يرغمالي کي نقصان نه پهچايو پر سندس واحد مطالبو هو

ايف بي آءِ ان شخص جي مطالبي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر چيو ته اهو فوري طور تي تبصرو لاءِ پهچي نه سگهيو، واضح رهي ته هي واقعو جڏهن بيٿ اسرائيل جي عبادت گاهه ۾ پيش آيو ته هتي جيڪا عبادت ٿي رهي هئي اها لائيو نشر ڪئي پئي وڃي هن لائيو اسٽريم فيڊ ۾، هڪ شخص کي رڙيون ڪندي ٻڌي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن کي نقصان پهچائڻ نه ٿو چاهي