ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان 9 سالن جي نينگري جي زبردستي شادي، 3 ڄڻا گرفتار

0
280
ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان

ٽنڊوغلام حيدر (ن پ ا) ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ ميرمحمد لاشاري ۾ معصوم نينگري 9 سالن جي امام زادي ڌي خان محمد لاشاري جي 40 ورهين جي اڌڙوٽ شخص ٻڍو لاشاري سان زبردستي شادي ڪرائي پئي وئي

شادي جي اطلاع بعد ٽنڊوغلام حيدر ۽ متارو پوسٽ پوليس پهچي ڪنوار،گهوٽ ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ارشاد کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس ڪارروائي بعد ڳوٺاڻن پوليس جو گهيراءُ ڪندي پوليس کي روڪي ورتو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته مرضي موجب شادي ڪئي پئي وڃي، پوليس ظلم ڪري پئي، هڪ ڪلاڪ تائين پوليس جو مسلسل گهيراءُ بعد پوليس ڪنوار،گهوٽ ۽ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي ٿاڻي تي کڻي وئي