ملڪ ۾ خانداني سياست ۽ ڪارڪنن جي اهميت

0
165
ملڪ ۾ خانداني سياست ۽ ڪارڪنن جي اهميت

ملڪي تاريخ سياسي توڙي مذهبي جماعتن جي حوالي سان خاندانن جي اندر ذاتي ورھاست، مفادن جي تحفظ جي لاءِ محدود رھيون آھن. قومي اسيمبلي، سينيٽ يا صوبائي اسيمبلين تي نظر وڌي وڃي يا وري بلدياتي ادارن تي جن ۾ ضلع ڪائونسل توڙي ميونسپلٽيون ھجن، ان جي چيئرمين توڙي ميئرشپ جا عھدا به ھميشه وڏن طاقتور خاندانن تائين محدود رھيا آھن. جيڪڏھن ڀوتار وڏيري، چوڌري، ملڪ، خان يا سردار سياسي ڪارڪنن تي وڏي مھرباني ڪئي تہ ان کي ڪائونسلر جو عھدو ڏئي مٿس وڏو احسان ڪري ڇڏيو ۽ اھي ڄڻ سندن زرخريد غلام بنجي وڃن ٿا. سنڌ ۾ پيپلزپارٽي يا ٻين جماعتن ۾ خاندانن کي ڏسجي ته ھن وقت زرداري خاندان ۾ آصف زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، فريال ٽالپر، عذرا پيچوهو، منور ٽالپر ھڪ ئي خاندان سان لاڳاپيل آھن.

جيڪي قومي اسيمبلي يا صوبائي اسيمبلي جا ميمبر آھن. ساڳي طرح سکر جي سيدن ۾ سيد خورشيد احمد شاھ، اويس قادر شاھ، زيرڪ شاھ، اسلام دين شيخ، سندس پٽ نعمان شيخ قومي اسيمبلي جو ميمبر آھي، ٻيو پٽ سکر جو ميئر آھي. جڏهن ته ناصر شاھ پاڻ صوبائي وزير ته پٽ سکر ضلعي جو چيئرمين رھيو. اھڙي طرح گھوٽڪي جي مھر، لنڊ سردارن ۾ محمد بخش مھر پيپلزپارٽي ۾ ته علي گوهر مهر جي ڊي اي م ۽ سندس ڀاءُ راجا مھر پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هئڻ جي باوجود وزارت نه ملڻ تي پاسيرو ٿي وقت جو انتظار ڪري رهيو آهي. خالد احمد خان لنڊ ھن وقت پيپلزپارٽي جو ايم اين اي آھي ء مستقبل ۾ پنھنجي وڏي پٽ کي تيار ڪري ڇڏيو آهي. ڏهرڪي جا ڌاريجا ء ڏھر به آهن جن ۾ اڪرام الله ڌاريجو صوبائي وزير ته جام مھتاب ڏھر سينيٽر آھي.

شڪارپور۾ آغا سراج دراني سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آھي. امتياز شيخ پاڻ صوبائي وزير ھئڻ جي باوجود مستقبل ۾ پٽ کي سياسي طور تي تيار ڪري رھيو آھي. ساڳي طرح غوث بخش مهر جي ڊي اي جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ شھريار مھر سنڌ اسيمبلي جو ميمبر آهي. امتياز شيخ ڪاموري مان سياست ۾ 2002ع جي چونڊن ۾ آيو حالانڪ سندس ڀاءُ مقبول شيخ سياست ۾ پھرين آيو. ھالا جي مخدوم خاندان م مخدوم خليق زمان سياسي توڙي قومپرست تحريڪ جي حوالي سان ھڪ حيثيت رکندو هو پيپلزپارٽي جي قيادت سان اختلاف رکندي، مير مرتضيٰ ڀٽو جي پارٽي م شامل ٿيو پر مرتضيٰ ڀٽو جي شھادت کانپوءِ پاڻ کي سياست کان پري ڪري ڇڏيو اٿس. خيرپور جا سيد، وساڻ، پاڳارو ۽ ٻيا خاندان پڻ ورھايل آھن.

سيد قائم علي شاھ سڄي زندگي پارٽي کي ڏئي ڇڏي. اج سندس نياڻي نفيسا شاھ ايم اين اي ۽ جاويد شاھ ء ان جي زال مھرين ڀٽو قومي اسيمبلي جا ميمبر آھن. 2018ع جي چوندن۾ وساڻ خاندان ۾ منظور وساڻ اھل نه ٿيو. نواب وساڻ چونڊ ھارائي ويو، صرف منور وساڻ ڪامياب ٿي سگھيو. جيلاني خاندان ۾ پير فضل شاھ ڪامياب ته پاڳارو خاندان ھارائي ويو. جيڪب آباد ۾ سومرا، مزاري، جکراڻي، بجاراڻي ڪھڙي نه ڪھڙي طرح حڪومتن م شامل رھيا آهن. پر الاھي بخش سومرو جھونو سياستدان ھئڻ جي باوجود محمد ميان سومري جو سياسي قد ڪاٺ سڀني کا اڳيا رھيو آهي. هو ملڪ جو وقتي صدر، نگران وزيراعظم ، سينيٽ چيئرمين، سنڌ جو گورنر ۽ ھن وقت عمران حڪومت ۾ وفاقي وزير آھي.

صحيح چوڻي آهي تہ سياست يا اقتدار بي رحم آھي جو اعجاز جکراڻي پنهنجيوالد بابل جکراڻي کي آئوٽ ڪري ڇڏيو. شبير بجاراڻي پاڻ کي سياست ۾ والد جي جاءِ تي آندو آهي. لاڙڪاڻي۾ عباسي، کھڙو، انڙ خاندان جڏھن تہ دادو ۾ پير مظهرالحق سياست کان ظاھري طور تي رٽائر ناهي پر پنھنجي پٽ پير مجيب کي آندو آهي. ميھڙ جي سياست ۾ جتوئي، لغار، مھيسر خاندان شامل رھيا آھن. ملڪ اسد سڪندر جامشورو ضلعي جي سياست ۾ طاقت رکي ٿو پر ھن دفعي وڏي ڀوتار آڏو بيوس بڻجي ويو. ٽنڊو محمد خان جي سياست ۾ سيد نويد قمر جي سياست جو پنھنجو مخصوص انداز آھي ۽ سندس پٽ قاسم نويد ساڻس گڏ رھي ٿو، جيڪو وڏي وزير جو خاص معاون بڻجي ويو. شيرازي خاندان ٺٽي جي سياست ۾ ھميشہ ڪامياب ٿيندو رھيو آهي. بدين جي حوالي سان  ھاليپوٽو، سريوال کانپوءِ مرزا خاندان به ديرو ڄمايو آھي. پيپلزپارٽي جي قيادت سان اختلافن کانپوءِ ذوالفقار مرزا ۽ فھميدہ مرزا توڙي حسنين مرزا کي ھاڻي پپو شاھ، ان جي زال ياسمين شاھ توڙي بين سان مقابلوڪرڻو پوندو. سانگھڙ ۾ به ھن وقت شازيه مري ايم اين اي ته سندس ڀيڻ عيني مري سينيٽر آھي.

بهرحال پنجاب ۾ شريف فيملي، ملتان جي گيلاني خاندان ۾ يوسف رضا گيلاني، پي ٽي آءِ جو شاهه محمود قريشي ۽ ان جو پٽ. اھڙي طرح گجرات جا چوڌري ق ليگ جي چٽي ھيٺ سڄو خاندان قومي اسيمبلي ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ ويٺو آھي. خيبر پختونخوا ۾ ولي خان جو خاندان ھجي يا جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان توڙي پرويز خٽڪ جو خاندان شامل آھي. فضل الرحمان جو پٽ ايم اين اي، ڀاءُ عطاءُ الرحمان سينيٽر ۽ پاڻ پي دي ايم اتحاد جو سربراهه آهي. ان مان اھو واضع نظر اچي ٿو ته مستقبل ۾ به انهن خاندانن جي ايوانن ۾ هڪ هٽي قائم رھندي. ڪير ڪھڙي پارٽي ۾ ڇونه ھجي پر پنھنجي مفادن جو تحفظ ڪندا رھندا.  سياسي ڪارڪنن کي ٽڪيٽن م ڪيستائين نظرانداز ڪندا رھندا .