لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي چيف سليڪٽر هارون رشيد چيو آهي ته نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز لاءِ ٽيم جي سليڪشن ڪپتان بابراعظم جي صلاح مشوري سان ٿي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هارون رشيد چيو ته ٽي ميگا ايونٽس ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ايندڙ سال ٿيڻا آهن، ان مطابق ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان وٽ وقت گهٽ آهي، ڪوچنگ اسٽاف هڪ اڌ هفتي ۾ فائنل ٿي ويندو. مڊل آرڊر حارث سهيل جي ون ڊي ٽيم ۾ سليڪشن تي هارون رشيد چيو ته اهو غير معمولي ليفٽ هينڊ بيٽر آهي، حارث سهيل ايشيا ڪنڊيشنز ۾ سٺو ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن حارث سهيل فارم ۽ فٽ رهي ٿو ته ان سان مڊل آرڊر کي سهارو ملندو. هن وڌيڪ چيو ته بابراعظم اسان جو ڪپتان آهي، ان سان مڪمل صلاح مشورو ۽ هر رانديگر تي ڳالهه ٿي آهي، بابر سان ٻه ٽي ملاقاتون ٿيون، ڪنهن جي به سليڪشن تي اختلاف نه آهي، سڀ هڪ پيج تي آهيون، هاڻي بابراعظم تي آهي ته ڪنهن کي کيڏائي ۽ ڪنهن کي نه کيڏائي. بابراعظم جي ڪپتاني بابت چيف سليڪٽر چيو ته هن جي ڪپتاني جي حوالي سان صرف افواهه رهيا آهن، مان ته هن جي حوالي سان ڪڏهن به ناهي ڳالهايو. چيف سليڪٽر مڊل آرڊر بيٽسمين اعظم خان بابت چيو ته هن کي اسپنرن تي ڏکيائي ٿي آهي، ان تي ڪم ڪري واپس اچڻو پوندو.