سوال/سروي … عدالت جو حڪم: چونڊون ٿينديون يا نه، عوام جي راءِ ورهايل: سڄي ملڪ ۾ گڏ چونڊن جي به تجويز

0
187

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ پاران 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ڇا چونڊون ٿينديون؟ موجوده سياسي صورتحال کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي ڪجهه ماڻهن چيو ته چونڊون ٿينديون، ڪجهه  ماڻهن چيو ته چونڊون نه ٿينديون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي وئي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته سڄي ملڪ ۾ گڏ چونڊون ٿينديون، اهو به چيو ويو ته چونڊون ڪرايون وڃن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالرحيم منگي لکيو ته سپريم ڪورٽ بهترين فيصلو ڪيو آھي آئين موجب چونڊون ٿيڻ گهرجن چونڊون نه ٿيڻ ملڪ لاءِ ھاڃيڪار ثابت ٿيندو، منظور زرداري لکيو ته چونڊون ٿين يا نه عوام کي ڪو به رليف ڪونه ملندو، حاجي سهيل لکيو ته منهنجي خيال ۾ چونڊون نه ٿينديون، ڇاڪاڻ ته اليڪشن جو خرچ تمام وڏو ھوندو آھي، اھي سڄو بار عوام جي مٿان ھوندو آھي، ۽ ھن وقت عوام جي چيلھه چٻي ٿي وئي آهي،  اليڪشن ڪرائي وئي ته گڏ پاڪستان ۾ ڪرائي ويندي، ۽ اھو فيصلو به موجوده حڪومت جي لاءِ به نقصان ڪار ثابت ٿيندو، سنيل لکيو ته ڳالھه ته ٺيڪ آھي قانون موجب اليڪشن ٩٠ ڏينھن لازمي ڪرائڻي آهي پر اليڪشن ٿيندي ھڪڙا چور ويندا ٻيا ايندا ھن ملڪ جي غريب عوام جو ڪير به ڀلو سوچڻ وارو ڪونھي، فقير امام بخش سڪندري لکيو ته آئيني فيصلو آهي اليڪشن ٿيڻ گهرجي، ليڪن اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ به واپس اهي چور لٽيرا واپس ايوانن ۾ اچن ٿا ته پوءِ پاڪستان جو الله حافظ آهي..ڇو ته پاڪستان هن وقت بلڪل ڪمزور پوزيشن تي آهي..طارق باجڪاڻي لکيو ته ھر حال ۾ چونڊون ٿينديون پي ڊي ايم وارن کي ناڪامي کانسواءِ ڪجهه نه ملندو، شفيع ملاح لکيو ته لڳي ٿو شھباز شريف استعيفا ڏئي ڇڏيندو، سليم نظاماڻي لکيو ته ملڪ ۾ قومي۔صوبائي ۽ بلدياتي اليڪشن ھڪ ئي ڏينهن ڪرائڻ جو قانون پاس ٿيڻ گهرجي ته جئين فضول خرچ نه ٿئي. مسرور عالم لکيو ته سپريم ڪورٽ جو 14 مئي تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو بلڪل ٺيڪ آھي 14 مئي تي چونڊون ٿيڻ گھرجن ھڪ طرف عوام ۾ بيچيني آهي سياسي صورتحال کي ڏسندي، ٻيو ته مھانگائي وڌي وئي آهي،  عام ڇونڊون ڪرائي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي، محمد فياض وساڻ لکيو ته قانون ۽ انصاف جي فتح سڄي قوم کي مبارڪ هجي، ٻن صوبن جي عوام کي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو حق ملي ويو بھترين فيصلو آهي قانون جي بالادستي ٿي آهي، مير نور علي لکيو ته اگر ڏٺو وڃي ته فيصلو آئين ۽ قانون موجب تمام بهترين فيصلو آيو آهي ان ۾ ڪو شڪ ناهي آئيني فيصلو آهي چونڊون لازمي ٿيڻ گهرجي ملڪ ۾ جيستائين سياسي استحڪام نه ايندو ان مهل تائين بي يقيني واري صورتحال برقرار رهندي سو حڪومت ۽ اپوزيشن تي لازم آھي اهڙو ماحول ٺاهين جنهن سان اڳتي وڌي سگهجي باقي اتحادي حڪومت لڳي ڪونٿو اليڪشن ڪرائيندي اتحادي حڪومت سمجهي ٿي ته اگر هن وقت اليڪشن ٿي ته اتحادي حڪومت جي سمورين پارٽين کي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ زبردست شڪست جو مونهن ڏسڻو پوندو، ابراهيم خليل ڪنڀر لکيو ته جيڪا مالڪن جي مرضي اسين ڪير ٿيندا آهيون سپريم ڪورٽ پنهنجي مرضي مسلط ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن جي ڪائي حيثيت آهي ڇا هو صرف نالي ۾ ادارو رهجي ويو آهي جنهن کي عدالتن مان هڪڙا ۽ اصل ڌڻين کان ٻيا حڪم ملي رهيا آھن، وحيد مگسي لکيو ته موجود حالتن ۾ چونڊون ٿيڻ گھرجن ججن سٺو فيصلو ڏنو آهي، عامر علي جوڳي لکيو ته چونڊون ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ئي مسئلي جو حل آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو بهتر آهي، لڳي ٿو اليڪشن ٿيندي، رحمت الله لکيو ته سياسي صورتحال انتهائي ڳڻتيء جوڳي آھي اهڙين حالتن ۾ ڪابه اڻٿيڻي ٿي پوندي آھي جيڪا سياسي ۽ پارلياماني حلقن لاءِ سٺو سنوڻ ناهي هوندي، عبدالعليم کوکر لکيو ته بھترين فيصلو آهي قانون جي بالادستي ٿي آهي آئينده سرڪار يا ڪو ادارو قانون جي خلاف وزري ڪونه ڪندو، نظير سوهو لکيو ته اسان پنهنجي مرضي سان ڪرائينداسين، اسد انڍڙ لکيو ته آئين قانون مطابق اليڪشن ڪرائڻي آهي نٿا ڪرائين ته 73 جو آئين معطل ڪري پنهنجو ڪو آئين ٺاهين، توفيق لنڊ لکيو ته جيڪڏهن 14مئي ته اليڪشن نه ٿي ته عوام سمجهي ويندو ته ملڪ ۾ آئين جي بالادستي جوڊيشري جو نظام اڻپورو آهي، دلدار علي لکيو ته ڪونه ٿينديون، اقبال سميجو لکيو ته عدالت جي انهي فيصلي تي عمل ٿيندو، تسليم علي بخش لکيو ته سپريم ڪورٽ سٺو فيصلو ڏنو آهي اھڙي فيصلي تي عدليه کي اسان قدر جي نگاھ سان ٿا ڏسون ڇاڪاڻ عدليه کي ھميشه ئي تنقيد کي منھن ڏنو آھي پر ھن فيصلي سان ڪجھه نه ڪجھه مورال بلند ٿيو عدليه جو باقي ڏسجي ته ڇا ان فيصلي تي عمل ٿئي ٿو يا نه پر جيڪي حالتون ٻڌائن پيون ته اليڪشن ٿيندي مشڪل ٿي نظر اچي پي ڊي ايم ڪا نه ڪا رٽ ضرور وجھندي، علي بخش چوهاڻ لکيو ته مان سمجهان ٿو ته هن ڀيري به چونڊون نه ٿينديون ڇو جو پي ڊي ايم وارا اليڪشن ڪرائڻ ئي ڪونه ٿا چاهن، سيال غلام الله لکيو ته اليڪشن ٿئي ٿي ته پي ڊي ايم نالي پارٽي شايد وري نظر نه اچي ته ڇو جئين پاڪستان ٺاهڻ وارا تاريخ ۾ ياد ڪيا ويندا آهن ائين ئي پي ڊي ايم وارا ياد ڪرڻ جهڙا رهندا ڇو ته مهنگائي تاريخ انهي بلند سطح تي پهتل آهي جتي ڪوئي مثال نٿو ڏئي سگهي، خاموش خليل شر لکيو ته چونڊون هر حال ۾ ضرور ٿينديون  چونڊون ٿيڻ سان سڀ ڪجه ٿي سگهي ٿو , چونڊون ٿيڻ بهترين عمل آھي، عدليه جو فيصلو مڃڻ گهرجي، رحمان گل گهمرو به سروي ۾ حصو ورتو، ڪيلاش پربت لکيو ته 14 مئي تي به اليڪشن ٿيندي نظر نٿي اچي جيڪڏهن 31 اپريل تي قومي ۽ باقي ٻه صوبائي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏين ته پوءِ ڇا ٿيندو، غلام علي ٻجورو لکيو ته ملڪي حالتون رحم جوڳيون آھن، پنجاب ۾ اليڪشن جو ٿيڻ مشڪل آھي، سعيد احمد لکيو ته عدالتي حڪم موجب اليڪشن ٿيڻ گھرجي، خالد مجيد مهيري لکيو ته آئيني فيصلو آهي اليڪشن ٿيڻ گهرجي، اشفاق بلوچ لکيو ته ٿينديو وري ملتوي آڪٽوبر تائين وري عدالت ۾ ڪيس ھلندو، مراد علي لکيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ته بھترين آهي پر موجوده حڪومت نه ٿي چاهي ته اليڪشن ٿئي، حافظ عبدالحميد به سروي ۾ حصو ورتو، سجاول ڳاهو لکيو ته چونڊون نه ٿينديون، آزاد مهر لکيو ته آئيني فيصلو آهي اليڪشن ٿيندي ائين ٿيڻ به گهرجي، گلشير سومرو لکيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو صحيح آھي، شيزا احمد لکيو ته هتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، راجا رضا لکيو ته چوڏهن پارٽيون هڪ سال ۾ عوام لاِ ڪجهه ڪونه ڪري سگهيون، جيڪي عوام کي مهانگائي مان نجات ڏيارڻ جو ڊرامو ڪري اقتدار ۾ آيون هڪ سال رڳو پنهنجي ڪرسي بچائڻ پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به عوام جي خدمت نه ڪئي، بشير ميراڻي لکيو ته پاڪستان جي سياست به عجيب آهي ڪٿي رات جو ٻارهين وڳي ڪورٽون کلن ٿيون، ڪو سياستدان لکي ڏئي وڃي ته ته سياست نه ڪندس، ملڪ نه ايندس، اهو وري ملڪ جو سربراهه ٿي وڃي، سينئر کان جونئير ترقي ماڻي، ڪوڙي ڪيس ۾ ملڪ جي سربراهه کي ڦاهي ڏني وڃي، مطلب ته هن رياست ۾ قانون ٻن قسمن جو آهي هڪڙو اميرن لاءِ ٻيو غريبن لاءِ. موهن لال لکيو ته سپريم ڪورٽ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي پر، ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي مان چيف جسٽس جا پاور کسڻ وارو بِل منظور ٿيل آهي، وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اليڪشن بابت نظرثاني درخواست داخل ڪرائيندي، اليڪشن ملتوي ٿي سگهي ٿي، قادر بخش جمالي لکيو ته هتي آئين سان مذاق حڪومت ۽ جج ٻئي ڪري رهيا آهن، اشوڪ سمراٺ لکيو ته پنجاب ۾ چونڊون ٿيندي ڏسجن ته ڪونه پيون، شڪيل احمد جمالي لکيو ته منهنجي خيال ۾ سپريم ڪورٽ جو فيصلو تڪراري بڻجي ويو آهي. محمد حسين لکيو ته ڳالهه ته ڀلي آھي پر عوام کي ته ڪونه رليف مليو، آفتاب سليمان لکيو ته سپريم ڪورٽ جي انهيَ فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي، بخاري ذوالفقار، احسان لغاري، ممتاز علي ڪيهر به سروي ۾ حصو ورتو، عرفان سيلرو لکيو ته فيصلي مان لڳي پيو ته فوج سياست کان واقعي لاتعلق بڻجي چڪي آهي، راجو ٺڪر لکيو ته فيصلو سٺو ڪيو آھي ججن اليڪشن ٿيندي. شنڪر لال لکيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تمام درست آهي،ڇو ته ملڪي صورتحال تمام خراب آھن، سيف الله پنهور لکيو ته بهترين فيصلو جمهوريت ۽ آئين جي بالادستي لاء بهتر سمجهون ٿا، علي گوهر سومرو لکيو ته ٿين يا نه ٿين عوام کي ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيندو، واجد جمالي، سجاد لغاري، ابراهيم مخدوم به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز تنيو لکيو ته اليڪشن ٿيڻ گهرجي، شاهه محمد، طاهر مري، ڀيشم آسناڻي، رفيق جهتيال، مصور احمد، نعمت الله راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز تنيو لکيو ته حڪومت جي ھار عمران جي جيت آهي، زوهيب لاڙڪ، عبدالرحمان چانگ، مصري خان، جاويد سهندڙو، آيت به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالوحيد چنا لکيو ته سپريم ڪورٽ جو حڪم مڃڻ گھرجي اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائي، محمد اسلم لکيو ته اسان جي حڪومت کي هڪ ئي صلاح آهي ته هڪ ئي وقت اسيمبليون ٽوڙي نئين سر اليڪشن ڪرائي وڃي، يوسف رند لکيو ته ملڪ جون جيڪي حالتون آهن، ڪيريو آفتاب لکيو ته چونڊون نه ٿينديون. علي محمد کوسو لکيو ته فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، مير ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته فيصلي جي ڀرپور حمايت ڪيون ٿا، عباس علي لکيو ته اسن ڏسون پيا ته عوام لاءِ مصيبتون اڃان وڌنديون.، علي رضا، ڪريم بخش، امتياز جمالي، محمد نواز سميجو، تنها سخاوت شيخ، علي محمد سمون، ايم عيسيٰ لنڊ، احسان چانڊيو، دستگير قريشي، شوڪت علي، محمد موسيٰ کٽي، امرت ڪمار، محمد نواز سميجو، رضوان چانڊيو به سروي ۾ حصو ورتو.