جنگشاهي (ن پ ا)  جنگشاهي ۾ مرحوم غلام رباني جوکيو جي ياد ۾ رمضان نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي اھم ميچ ۾ ڀٽائي اليون پاران ڊولي اليون کي عبرتناڪ شڪست ڏيئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڪواٽر فائنل لاءِ ڪوليفائي ڪري ورتو، ڀٽائي اليون پاران ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنز ٺاهيون، ڀٽائي اليون پاران عبدالقادر شيخ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 5 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 53 رنز ٺاهي نمايان رھيو. ڊولي اليون پاران علي اڪبر جوکيو 2، انصاف جوکيو 1، نور علي جوکيو 1 ۽ محرم جوکيو 1 وڪيٽ حاصل ڪئي، مليل هدف جي جواب ۾ ڊولي اليون پاران علي اڪبر جوکيو جي 43 ۽ وسيم ماوڙا جي 23 رنسن جي مدد سان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنز ٺاهي سگهي، ڀٽائي اليون پاران محمد علي شيخ 2، ارشاد پليجو 1، آزان شاھ ۽ لالا افضل پليجو 1 وڪيٽ حاصل ڪئي.