ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) جاپان جي شهر ٽوڪيو ۾ جاري اولمپڪس جي مقابلن ۾ جاپان جي اوهاشي يوئي ٻن ڏينهن اندر ٻيو گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي. جاپان جي اوهاشي يوئي 200 ميٽر انفرادي ميڊلي ۾ سوني جو ٻلو کٽيو، جڏهن ته امريڪا جي اليڪس والش سلور ۽ ڪيٽي ڊگلس پتل جو ميدل پنهنجي نانءُ ڪيو. ميڊيا رپورٽس موجب جاپان جي اوهاشي يوئي 2 ڏينهن ۾ اهو ٻيون گولڊ ميڊل کٽيو آهي. ان کان اڳ وهاشي سومر تي 400 ميٽر انفرادي ميڊلي ۾ به گولڊ ميڊل کٽيو هو.