دوشنبي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي 10 سالن جي هانيا منهاس ڪارنامو سرانجام ڏيندي تاجڪستان ۾ ايشين ٽينس فيڊريشن(اي ٽي ايف) ٽينس چيمپئن شپ جو انڊر 14 ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪري ورتو. فائنل ۾ هانيه منهاس مخالف کي اسٽريٽ سيٽس ۾ 0-6 ۽ 1-6 تان شڪست ڏئي ٽائٽل کٽي ورتو. واضح رهي ته پاڪستان پهريون ڀيرو ايشين ٽينس فيڊريشن(اي ٽي ايف) چيمپئن شپ جو انڊر 14 جو ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو آهي. هانيه چيمپئن شپ جي ڊبل ٽائٽل ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. اهڙي ڪاميابي بعد هانيه ايشين رينڪنگ ۾ 18هين پوزيشن تي پهچي وئي آهي.