ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان جو اڳوڻو ڪپتان ۽ مشهور آل رائونڊر شاهد آفريدي نيپال جي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ اي پي ايل جو حصو بڻجي ويو آهي. سوشل ميڊيا سائٽ ٽوئٽر تي جاري پيغام ۾ شاهد آفريدي مداحن کي پنهنجي ايورسٽ پريميئر ليگ جو حصو بڻجڻ جو اطلاع ڏنو. شاهد آڦريدي ليگ ۾ ڪٽمنڊو ڪنگز اليون جي نمائندگي ڪندو، جنهن جي تصديق شاهد آڦريدي ۽ اي پي ايل جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تي ڏني وئي. شاهد آفريدي مقامي رانديگر سنديپ لامي چاني سان گڏ ايڪشن ۾ نظر ايندو. ايورسٽ پريميئر ليگ(آءِ پي ايل) هلندڙ سال 25 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.